سميع بلوچ

سميع بلوچ

سميع بلوچ

سميع بلوچ: ناميارو شاعر، هدايتڪار ۽ پروڊيوسر سميع بلوچ، 19 آڪٽوبر 1955ع تي ڳوٺ حاجي عطا محمد لنڊ، ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو. سندس پورو نالو سميع الله بلوچ ولد حاجي غلام مرتضي لُنڊ آهي. هن ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان، مئٽرڪ سيٺارجا هاءِ اسڪول مان، انٽرميڊئيٽ گورنمينٽ فيڊرل ڪاليج اسلام آباد مان ۽ ايم. اي (انٽرنيشنل رليشنز) جي ڊگري شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرس مان حاصل ڪئي.
سميع بلوچ، ٽيليويزن ڪارپوريشن'>پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ڪراچيءَ سينٽر تان، 16اپريل 1984ع ۾ سنڌي ڊرامن ۽ سنڌي موسيقيءَ جي پراڊڪشن ۽ ڊائريڪشن سان پنهنجي فني زندگيءَ جي شروعات ڪئي.
سميع بلوچ، پي. ٽي. وي ڪوئيٽا سينٽر تان 1988ع کان 1992ع ۽ اسلام آباد سينٽر تان 1992ع کان 1994ع تائين ڪافي تعداد ۾ اردو، بلوچي، براهوي، پنجابي ڊراما ۽ مختلف موسيقيءَ جا پروگرام پيش ڪري چڪو آهي. ان دوران 1990ع ۾ جپان به ويو ۽NHK جپان ٽيليويزن تان هن پراڊڪشن جي ٽريننگ به حاصل ڪئي.
سميع بلوچ، 1977ع کان شاعريءَ جي حوالي سان پنهنجي سڃاڻپ پيدا ڪئي. سندس ڪيترا ڪلام سنڌ جي مشهور فنڪارن ڳايا آهن، جن مان ’تنهنجي ياد جي وري آ وير‘ ۽ ’هوءَ ڪيڏي نه بي چئي آ‘ ۽ ٻين ڪافي ڪلامن بيحد مقبوليت ماڻي. کيس شاعريءَ سان گڏ فوٽوگرافيءَ سان به دلچسپي آهي.
سميع بلوچ، پي. ٽي. وي تي ڪيترن ئي فنڪارن کي متعارف ڪرايو، جن ۾ سرمد سنڌي، احمد مغل، راجا مدثر هاليپوٽو، صنم ماروي، شبانه پروين، ممتاز ڪنول، شبنم نواز ۽ ٻيا شامل آهن، جيڪي اڄ به سنڌ جا مشهور فنڪار آهن.
سميع بلوچ جي شاعريءَ جو ڪتاب ’خوابن جا خواب‘ عنوان سان ڇپائيءَ جي مرحلي ۾ آهي، کيس بهترين ڊراما هدايتڪار ۽ موسيقيءَ جي بهترين پروڊيوسر جا چار پي ٽي وي اوارڊ پڻ ملي چڪا آهن. اڄڪلهه سميع بلوچ پي ٽي وي نيشنل تي پروگرام مئنيجر جا فرائض سرانجام ڏئي رهيو آهي.


لفظ سميع بلوچھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1955.10.19  عيسوي

هدايتڪار ۽ پروڊيوسر سميع بلوچ، 19 آڪٽوبر 1955ع تي ڳوٺ حاجي عطا محمد لنڊ، ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آخوند آگيڏنو
غلام مصطفي سولنگي 1
پيرزادو رحمت الله
شاهنواز مسافر
مراد علي ڪاظم شيخ
فقير لطف علي دايو
رکيل مورائي
بهاؤالدين
صالح فقير گوهري
عبد سنڌي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون